عمران عطا لاڏاڻو ڪري ويو، چيف سيڪريٽري جي تعزيت

عمران عطا لاڏاڻو ڪري ويو، چيف سيڪريٽري جي تعزيت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي سيڪريٽري اطلاعات ۽ ورڪس سروسز جو عمران عطا سومرو لاڏاڻو ڪري ويو،خانداني ذريعن موجب عمران عطا سومرو کي دل جو دورو پوڻ سان فوت ٿيو‏،سندس جنازي نماز اڱاري جي صبح 10 وڳي ڪراچي جي باٿ آئي لينڊ ۾ ادا ڪئي ويندي،تدفين ڊفينس فيز 8 جي قبرستان ۾ ٿيندي،سندس لاڏاڻي تي چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت سيڪريٽري عمران عطا سومرو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.چيف سيڪريٽري سنڌ فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي.الله سائين مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي. آمين

پهنجو تبصرو موڪليو