اڍنگو رويو رکندڙ اي سي خلاف صحافين جو احتجاج

اڍنگو رويو رکندڙ اي سي خلاف صحافين جو احتجاج

سجاول ( ن س ) سجاول ۾ صحافين سان اڍنگو رويو رکندڙ اي سي سجاول جي خلاف صحافين جو احتجاج، فوري طور هٽائڻ جو مطالبو، سجاول ۾ صحافين سان اڍنگو رويو رکندڙ اي سي سجاول جي خلاف سورج سجاولي پريس ڪلب جي صحافين پاران صدر اسماعيل سرويچ ، ساگر سليم کوسو، امتياز ميمڻ، ڪاشف جوڻيجو. خالدطاهراڻي، نجيب سرويچ. سليم ملاح، وجاهد شاه، جاني جوڳي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ته اي سي سجاول فهد مير سان ملاقات ڪرڻ لاءِ سندس آفيس پهتاسين هو وڏيرن جي ونگارين کي ٽوڪن ۽ تيل جون پرچيون ڏئي رهيو هو ۽ غريب مسڪين برسات متاثرن کي داٻا ڌڙڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي رهيو هو جڏهن اسان اي سي کي چيو ته آفيس جي ٻاهران برسات متاثرن ويٺا آھن انهن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن توهان انهن کي سرڪاري راشن ڏيو ان موقعي تي اي سي يڪدم اسان سان اڍنگو رويو اختيار ڪري ڳالهائڻ بنا گاڏي ۾ چڙهي روانو ٿي ويو. اسان اهڙي بداخلاق اي سي جي اڍنگي رويي جي خلاف سورج سجاولي پريس جا صحافي سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون ۽ هنن چتاءُ ڏنو ته هن بداخلاق اي سي کي فورن هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائيو وصيح ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو