اڊيالا جيل جي اڳوڻي سپرنٽينڊنٽ جي بازيابي لاءِ درخواست داخل

اڊيالا جيل جي اڳوڻي سپرنٽينڊنٽ جي بازيابي لاءِ درخواست داخل

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل جي اڳوڻي سپرنٽينڊنٽ جي بازيابي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب اڳوڻي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل محمد اڪرم جي بازيابي لاءِ ان جي گهر واري(درخواستگذار) طرفان ايڊووڪيٽ ايمان مزاري عدالت ۾ پيش ٿي.جسٽس محمد رضا قريشي جي آڏو ٿيندڙ ٻڌڻي ۾ درخواستگذار جي وڪيل ايمان مزاري عدالت کي ٻڌايو ته 14 آگسٽ کان محمد اڪرم جي باري ۾ ڪجهه به خبر نه هئي، صدر ٿاڻي جي پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني پر ايف آءِ آر به داخل نه ٿي. جنهن کان پوءِ عدالت صدر پوليس کي اڱاري جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو