ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي اڄ کان اربع تائين ملڪ ۾ مون سون جي هوائن جي ڪري برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب مون سون جي سسٽم سبب ڀمبر آزاد ڪشمير ۾ تيز برسات پئي، جنهن سبب طوفاني نالن ۾ پاڻي اچي ويو.ان دوران گجرات ۾ تيز هوائن سان گڏ تيز برساتون، هيٺاهين وارا علائقا ٻڏي ويا ۽ روڊن ۽ گهٽين ۾ پاڻي ڀرجي ويو.موسميات کاتي موجب مون سون هوائن سبب اڄ کان اربع تائين سڄي ملڪ ۾ برسات پوندي، اڄ ڪشمير، اسلام آباد، پنجاب ۽ مٿانهين خيبرپختونخواهه ۾ برسات جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، بدين ۽ ٻين ساحلي علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ ڪجهه هنڌن تي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ سڀاڻي کان برسات پوڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.










