ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسي (ناڻي واري پاليسي) جو اعلان ڪري ڇڏيو.مرڪزي بئنڪ پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، مانيٽري پاليسي تحت وياج جي شرح کي 11.5 سيڪڙو تي برقرار رکيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ پاران نئين مانيٽري پاليسي جو اعلان معاشي انگن اکرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو ويو. واضح رهي ته اسٽيٽ بئنڪ پاران گذريل مانيٽري پاليسي جي اعلان دوران به وياج جي شرح کي برقرار رکيو ويو هو.










