ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)دشت ۾ ڌماڪي سبب متاثر ٿيل ٽريڪ تي بحالي جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو، ۽ پشاور ڏانهن ويندڙ جعفر ايڪسپريس کي اڄ صبح رد ڪيو ويو.ريلوي عملدارن موجب، جعفر ايڪسپريس جي مسافرن کي انهن جي ٽڪيٽن جي واپسي ڪئي ويندي.ياد رهي ته اڱاري جي شام دشت ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي ۾ 6 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون هيون.واقعي ۾ 5 مسافر معمولي زخمي ٿيا.










