ايڪسائيز کاتي جو ڇاپو اڍائي ارب ڊالر جي منشيات هٿ

ايڪسائيز کاتي جو ڇاپو اڍائي ارب ڊالر جي منشيات هٿ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن و انسداد منشيات واري وزير مڪيش ڪمار چاولا ٻڌايو ته سندس کاتي ڪراچي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڪاروائي ڪندي اربين روپين جي ماليت جي هيروئن، چرس ۽ ڪيميڪل هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي. ملزم خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن و انسداد منشيات سان گڏ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته خفيه اطلاع ملڻ تي ڊائريڪٽر ايڪسائيز وحيد شيخ جي هدايت تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ظهور الاهي مزاري جي رهنمائي ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر سيد فياض علي شاهه ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪندي 304 ڪلو گرام هيروئن ۽ 500 ڪلو گرام چرس ۽ منشيات ٺاهڻ ۾ ڪم ايندڙ 38 ڪلو گرام ڪيميڪل هٿ ڪيو.

هن چيو ته ڪاروائي سرجاني ٽائون جي سيڪٽر 70 – ڊي ۾ ڪئي وئي. هي ڪاروائي ڪراچي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي ڪاروائي آهي. هٿ ڪيل هيروئن جي ماليت 1.4 بلين آمريڪي ڊالر ٻڌائي پئي وڃي. مڪيش ڪمار چاولا وڌيڪ چيو ته برآمد ڪيل چرس جي ماليت 1.5 ملين آمريڪي ڊالر ٻڌائي پئي وڃي. ڪاروائي دوران هڪ ملزم محمد عثمان کي گرفتار ڪيو ويو. برآمد ڪيل ڪيميڪل جي مدد سان سوين ڪلو گرام چرس ٺاهي وڃي ها. ان موقعي تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا منشيات ٺاهڻ جا اوزار به ميڊيا جي نمائندن کي ڏيکاريا جن جي مدد سان منشيات بڻائي ويندي آهي. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن و انسداد منشيات کاتي واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته ايتري وڏي ڪاروائي ڪرڻ تي ايڪسائيز کاتي جا آفيسر مبارڪباد جا مستحق آهن.   

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو