لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر لطيف کوسي جي گهر مٿان فائرنگ ڪندڙ رڪارڊ يافته جوابدار محسن عرف لمبا کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. جوابدار محسن اعتراف ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ زبير خان نيازي جي چوڻ تي لطيف کوسي جي گهر تي فائرنگ ڪئي. هن چيو ته زبير خان نيازي پنهنجو هڪ ماڻهو نشاندهي جي لاءِ مون سان گڏ اماڻيو جنهن مون کي لطيف کوسي جو گهر ڏيکاريو. ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن ڪامران عادل چيو آهي ته واردات جو معاهدو 10 لک روپين ۾ طئي ٿيو. جوابدار هڪ لک روپيه ايڊوانس وصول ڪري چڪو هو. جوابدار به سياسي پارٽي جو ڪارڪن آهي. جلسن، جلوسن ۾ زبير خان نيازي سان سندس تعلق قائم ٿيو.ڪامران عادل چيو ته جوابدار کي سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ اعتزاز احسن جي گهر تي به فائرنگ ڪرڻي هئي. جوابدار جي بيان جي وڌيڪ تصديق ڪئي پئي وڃي. جوابدار جو تعلق انڊر ورلڊ سان آهي. ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن چيو آهي ته ايڊووڪيٽ لطيف کوسي جي گهر تي فائرنگ جو مقصد وڪيلن ۽ حڪومت ۾ ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا قائم ڪرڻ هو.










