نيروبي (م ڊ) ايٿوپين ايئر لائين جي اديس ابابا کان ڪينيا جي گادي واري شھر نيروبي ويندڙ مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ سوار 157 مسافر فوت ٿي ويا. عالمي ميڊيا رپورٽس موجب ايٿوپيا جي گادي واري شھر ا ديس ابابا تان اڏام ڪندڙ ايٿوپين ايئر لائين جو جهاز بوئنگ 737 ۾ 149 مسافر ۽ عملي جا 8 مميبر موجود هئا ۽ حادثي ۾ ڪنهن جي به بچڻ جو اطلاع ناهي مليو. ايٿوپين وزيراعظم اڀي احمد جي آفيس مان جاري ڪيل بيان ۾ جهاز حادثي جي تصديق ڪندي چيو ويو تھ ايٿوپين ايئر لائين جو جهاز بوئنگ 737 معمول جي اڏام تي هو جيڪو ڪري تباهه ٿي ويو. وزيراعظم پاران جاري ڪيل بيان ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن سان ڏک ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ويو. ايئرلائنز پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي تھ فلائيٽ نمبر اي ٽي 302 ۾ 149 مسافر سوار ھئا، مسافر جھاز مقامي وقت موجب 8 لڳي 38 منٽن تي بولي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان ا ڏام ڀري ھئي جنھن جي 6 منٽن کانپوءِ ئي ان جو رابطو ڪٽجي ويو. واضح رھي تھ ان کان اڳ 2010ع ۾ لبنان جي ايئرپورٽ تان اڏام ڪندڙ ايٿوپين ايئرلائنز جو مسافر جھاز بوئنگ 738-800 ايم اي ايڪس ڪِري تباھھ ٿيو ھو جنھن جي نتيجي ۾ 83 مسافر ٿي ويا ھئا. ٻئي طرف پاڪستان پاران پرڏيھي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل ٽوئيٽ ڪندي واقعي تي پاڪستان حڪومت ۽ عوام پاران ڏک جو اظھار ڪيو ويو آھي.
مشهور خبرون










