دبئي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف چيو آهي ته ايندڙ دور اسان جو آهي، مسلم ليگ ن ملڪي معيشت کي بدحالي مان ڪڍندي. دبئي ۾ نواز شريف سان مسلم ليگ ن متحده عرب امارات جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ مسلم ليگ ن جي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز به موجود هئي. ن ليگ جي اماراتي وفد جي اڳواڻي سينيئر اڳواڻ غلام مصطفيٰ مغل ڪري رهيو هو. نواز شريف مسلم ليگ امارات جي قيادت ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستاني ڪميونٽي جو قيمتي پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان جي معيشت جو اهم جز آهي. وفد سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته ايندڙ دور مسلم ليگ ن جو آهي. مسلم ليگ ن جي اميرن جي وفد نواز شريف کي چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ مريم نواز جي قائداڻي صلاحيتن جو اعتراف ڪيو. ن ليگي اڳواڻن جو چوڻ هو ته نواز شريف کي ملڪ جي قيادت ڪٿان ايندي ڏسڻ چاهيون ٿا. واضح رهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف هن وقت دبئي ۾ آهي جتي هن ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن، ان کان علاوه هن دوست ملڪن جي قيادت سان به رابطا ڪيا آهن. پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت به ساڻس ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ نگران سيٽ اپ ۽ عام چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت ڳالهيون ڪيون هيون. مسلم ليگي ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف 14 آگسٽ تي پاڪستان اچڻ بابت ڪوشش ڪري رهيو آهي.










