اسلام آباد(بيورو) ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد چيو آهي ته هن هن ڀيري سٺي بجيٽ اچي رهي آهي، جنهن سان عوام کي رليف ملندو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن خواهش آهي ته عوام کي رليف ملي، ايندڙ بجيٽ سٺي اچي رهي آهي، هن بجيٽ ۾ عوام کي فائدو ٿيندو.هوڏانهن ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته هن ڀيري بجيٽ ۾ ود هولڊنگ ٽيڪس کي گهٽ ڪيو ويندو ۽ جنهن ود هولڊ ٽيڪس مان آمدني نه پئي ان کي ختم ڪيو ويندو.ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته نان فائيلرن مٿان ود هولڊنگ ٽيڪس برقرار رهندو ۽ ان ئي ٽيڪس ذريعي ڪاغذي ڪارروائي جاري رهندي.










