اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم وزيراعظم سان ملاقات ۾ پنهنجا مطالبا پيش ڪري ڇڏيا.وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد جي اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال، فاروق ستار ۽ امين الحق شامل هئا، جڏهن ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ رانا ثناءُ الله پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. ايم ڪيو ايم ذريعن موجب، ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم طرفان 4 نڪتن تي گفتگو ڪئي وئي، جڏهن ته پارٽي وزيراعظم کان شهري علائقن لاءِ ترقياتي پيڪيج جو مطالبو ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم مقامي حڪومتن (بلدياتي ادارن) بابت تجويز ڪيل آئيني بل، سنڌ ۾ گورنرشپ ۽ ايم ڪيو ايم جي گم ٿيل ڪارڪنن جي بازيابيءَ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ذريعن موجب، وزيراعظم طرفان ايم ڪيو ايم جي آئيني تجويز ڪيل بل ۽ گم ٿيل ڪارڪنن جي معاملي تي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










