اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (پي ايم ڊي سي) ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايم ڊي ڪيٽ جي شيڊول ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل موجب صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال جي هدايتن تي ميڊيڪل داخلا ٽيسٽ جو شيڊول تبديل ڪيو ويو آهي. هي فيصلو چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي لاڳاپيل نمائندن سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ ڪيو ويو آهي،اڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل چيو ته ايم ڊي ڪيٽ آچر 26 آڪٽوبر 2025 تي منعقد ڪيو ويندو، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل موجب ايم ڊي ڪيٽ کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ شاگردن کي درپيش مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي ٻيهر شيڊول ڪيو ويو. هي فيصلو شاگردن جي وسيع تر مفاد ۾ ڪيو ويو آهي.










