ڪوٽ لالو (باغ علي) منگيا ناڪو ڀرسان مهراڻ نيشنل هائي وي روڊ تي ويگو ۽ موٽرسائڪيل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن سبب 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. هڪ جي حالت نازڪ هئڻ سبب کيس نوابشاهه منتقل ڪيو ويو. ويگو ۾ سوار ايم پي اي منور وساڻ، ضلعي خيرپور چيئرمين شهريار وساڻ ۽ فيملي معجزانه طور محفوظ رهي. سندس باڊي گارڊ امير حسين جسڪاڻي ۽ موٽر سائيڪل سوار ٻانڌي واسي بهرام علي ولد رمضان ميرجت زخمي ٿي پيا. موٽرسائيڪل سوار جي حالت نازڪ هئڻ ڪري نوابشاه اسپتال منتقل ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪوٽ لالو غلام مصطفيٰ چوهاڻ ٻڌايو ته ايم پي اي منور وساڻ ۽ ٻيا فيملي سميت ڪراچي کان ڳوٺ فوتگي تي اچي رهيا هئا ته منگيا ناڪو وٽ موٽرسائيڪل کي بچائيندي حادثو پيش آيو. جڏهن ته منور وساڻ ۽ شهريار وساڻ ٻئي گاڏي ۾ ڳوٺ فوتگي تي روانا ٿي ويا. واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.










