ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر ۾ ڌاڙو، چور سامان کڻي فرار

ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر ۾ ڌاڙو، چور سامان کڻي فرار

نوشهروفيروز: (ن س) ضلع نوشھرو فيروز تعلقه مورو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ذولفقار بھڻ جي گھر ۾ ڌاڙو هنيو ويو آهي جنهن ۾ چور ڪروڙين روپين جو سامان کڻي فرار ٿي ويا آهن.پوليس موجب ھٿياربند ڦورو رات دير سان ايم اين اي ذولفقار بھڻ جي گھر اندر داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي ڪروڙِن روپين جو ڌاڙو ھڻي فرار ٿي ويا آهن. ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي ايم اين اي جي گھر اندر داخل ٿي گارڊن سميت گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڪروڙين روپين جو ڌاڙو ھڻي فرار ٿي ويا.اهڙي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي. جڏھن ته اهڙي اطلاع جي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوين ماڻھو ايم اين اي جي بنگلي تي پھتل آهن.ٻڌايو پيو وڃي ته پ پ ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ جي گهر ۾ ڌاڙي دوران هڪ ويگو، روڪ رقم، سونا زيور ۽ قيمتي سامان جنهن جي ماليت ڪوڙين روپيه ٻڌائي پئي وڃي ڦورو کڻي فرار ٿي ويا. نامعلوم چور ويگو گاڏي درس ٿاڻي جي حد ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا. ڌاڙي جي ڪارروائي رات اڍائي وڳي کان پنجين وڳي تائين جاري رهي جنهن دوران ڦُرو گهر اندر موجود هئا. ڦورن جي هٿن ۽ منهن تي ماسڪ چڙهيل هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو