ايم ايل ون پراجيڪٽ ريلوي جي ريڙهه جي هڏي آهي: سعد رفيق

ايم ايل ون پراجيڪٽ ريلوي جي ريڙهه جي هڏي آهي: سعد رفيق

لاهور (ويب ڊيسڪ)ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته مين لائين (ايم ايل ون) منصوبو ريلوي جي ريڙهه جي هڏي آهي، ان منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌڻو آهي.ريلوي هيڊڪوارٽر لاهور ۾ خواجا سعد رفيق جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ريلوي جي مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو.وفاقي وزير ريلوي جي پيداواري يونٽن کي منافعي بخش بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نجي سيڙپڪارن کي به پيداواري يونٽن ۾ شامل ٿيڻ جا موقعا ڏنا وڃن.هن چيو ته مال بردار ٽرانسپورٽ ڪمپني کي پنهنجي آمدني وڌائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ گهرجن.سعد رفيق چيو ته ريلوي ڪمپنين کي غير سرڪاري منصوبن مان به ڪاروبار حاصل ڪري روينيو وڌائڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو