لاهور: (م ڊ) ملڪ ۾ آيل ٻوڏ جو جواز ڄاڻائيندي ايل پي جي قيمتن ۾ ٽيون ڀيرو بنا ڪنهن سبب جي اضافو ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب لاهور سميت ملڪ جي سمورن وڏن شهرن ۾ ايل پي جي قيمتن ۾ وڌيڪ 10 روپيه اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ گهريلو سلنڊر جي قيمت ۾ 100 جڏهن ته ڪمرشل سلنڊر جي قيمت 400 روپين تائين وڌي وئي آهي.اوگرا گذريل ڏينهن سيپٽمبر ۾ ايل پي جي قيمت ۾ 6 روپيه في ڪلو گهٽتائي جو اعلان ڪيو هو جنهن کان پوءِ في ڪلو گئس جي قيمت گهٽ ٿي 212 روپيه ٿي وئي هئي پر منافعي خور مافيا سموري ملڪ ۾ ايل پي جي 212 جي بجاءِ 250 روپين ۾ وڪرو ڪري رهي آهي.آل پاڪستان ايل پي جي ايسوسيئيشن جي چيئرمين عرفان کوکر چيو آهي ته ايل پي جي 50 کان 70 روپيه في ڪلو ۽ 450کان 650 روپيه، گهريلو سلينڊر جي بليڪ مارڪيٽنگ ڪئي پئي وڃي.عرفان کوکر چيو ته حڪومت جيڪڏهن قيمتن تي ڪنٽرول نه ڪيو ته 10 سيپٽمبر 2022 تي ملڪ گير هڙتال ڪئي ويندي. سموري ملڪ ۾ ايل پي جي ڊسٽري بيوٽرز احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.










