اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي(اوگرا) ايل پي جي قيمتن ۾ واڌ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پڌرائي موجب اوگرا ايل پي جي قيمتن جو ڪوبه نئون نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو آهي.پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايل پي جي جون قيمتون هر مهيني جي پهرين تاريخ کان لاڳو ٿينديون آهن، ايل پي جي جون قيمتون وڌڻ بابت ڪابه دعويٰ يا سامهون ايندڙ افواهون غلط آهن.جاري ڪيل پڌرائي موجب اوگرا صارفين کي مقرر ڪيل قيمتن تي ايل پي جي خريد ڪرڻ ۽ ايل پي جي وڌيڪ قيمت وصولي تي مقامي انتظاميه کان فوري رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پڌرائي موجب اوگرا ايل پي جي قيمتن ۾ شفافيت برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.










