اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) نيب اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي ايل اين جي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ بعد جمع تي اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج بشير احمد آڏو پيش ڪيو جنهن 13 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي کيس نيب حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي جج کي چيو ته 90 ڏينهن جو هنن کي رمانڊ ڏيو. جج چيو قانون موجب هڪ وقت ايئين ممڪن ناهي. نيب هن کي گذريل ڏينهن لاهور لڳ گرفتار ڪري ورتو هو. ساڳئي ڪيس ۾ اڳوڻي وزير خزانه مفتاح اسماعيل جو گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ بعد نيب ٽيم کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ ويل آهي. ساڳئي ڪيس ۾ نيب شريڪ ملزم مفتاح اسماعيل ۽ پي ايس او جي ايم ڊي شيخ عمران الحق جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن. شاهد خاقان کي خميس تي جاچ لاءِ نيب طلب ڪيو ويو هو پر هو نه ويو ۽ چيو ته ڪالهه کيس ليٽر مليو آهي تنهن ڪري هو نٿو اچي سگهي ۽ نيب کي گهرائڻو آهي ته ٽن ڏينهن جو نوٽيس ڏنو وڃي. نيب وٽ پيش نه ٿيڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو.هو لاهور پريس ڪانفرنس لاءِ وڃي رهيو هو ته ٽول پلازا وٽ 12 رڪني نيب ٽيم سندس گاڏي روڪي گرفتار ڪيو. شروع ۾ هن مزاحمت ڪئي پر بعد ۾ ساڻن گڏ ويو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهد خاقان عباسي ڄاڻي واڻي، ڌوڪي ۽ فراڊ سان من پسند ڪمپني کي قانون جي ابتڙ اربين روپين جو فائدو ڏيندي قومي خزاني کي اربين روپين جو نقصان پهچايو آهي. نيب موجب ايل اين جي ڪيس ۾ 37 ارب روپين جو معاملو آهي. شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل سميت هن ڪيس ۾ 5 جوابدارن جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي عائد آهي. هوڏانهن مريم نواز ۽ شهبازشريف گرفتاري جي مذمت ڪندي عمران خان تي ڪڙي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هو ذاتي طور انتقام وٺي رهيو آهي.










