اسلام آباد)بيورو رپورٽ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (FBR) جي ٽيڪس وصولين ۾ واڌ ٿي وئي آهي، فيڊرل ائڪسائيز ڊيوٽي ۽ جي ايس ٽي (GST) جي مد ۾ 329 ارب رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب، فيڊرل بورڊ آف روينيو مالي سال 2025-26 دوران فيڊرل ائڪسائيز ڊيوٽي ۽ جنرل سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 329 ارب رپيا جمع ڪيا آهن، جڏهن ته مالي سال 2024-25 ۾ اها وصولي 284 ارب رپيا هئي، اهڙي ريت مجموعي وصولين ۾ 45 ارب رپين جو خالص اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. سرڪاري ذريعن ڳالهه ٻولهه ڪندي تصديق ڪئي ته فيڊرل ائڪسائيز ڊيوٽي ۽ جنرل سيلز ٽيڪس مان حاصل ٿيندڙ مجموعي اضافي رقم جو تخمينو تقريبن 45 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ايف بي آر گذريل مالي سال 2024-25 جي 284 ارب رپين جي وصولي جي ڀيٽ ۾ 2025-26 ۾ 329 ارب رپين جي جمع آوري ڪئي آهي.










