فرانس(ويب ڊيسڪ)فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس 20 ۽ 21 آڪٽوبر تي پيرس ۾ ٿيندو.رپورٽن مطابق اجلاس ۾ پاڪستان جو نالو گري لسٽ مان ڪڍڻ واري معاملي جو جائزو ورتو ويندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ايف اي ٽي ايف ۽ ايشيا پيسفڪ گروپ پاران ڏنل سمورن نقطن تي عمل ڪيو آهي.واضح رهي ته پاڪستان جو نالو 2018ع ۾ گري لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو هو، ايف اي ٽي ايف جو صدر 21 آڪٽوبر تي فيصلن جو اعلان ڪندو.










