ايف آءِ اي ڪراچي مان هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو

ايف آءِ اي ڪراچي مان هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي مان هٿيارن جي هنڊي ۾ ملوث وڏو نيٽ هٿ ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي اهلڪارن ڪراچي ۾ نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڀرسان بنگلي تي ڇاپو هڻي ريفرنس هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو.ايف آءِ اي موجب ڪارروائي ۾ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن وٽان وڏي مقدار ۾ مختلف ملڪن جي ڪرنسي ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو. ڊائريڪٽر ايف آءِ اي نعمان صديقي موجب ڪارروائي دوران بنگلي مان جعلي ڪاروبار ۽ ماڻهن جي دستخط ڪيل 22 چيڪ بڪ، 47 لک پاڪستاني ڪرنسي، 6 هزار سعودي ريال، 6180 ٿائي باٽ، 22950 درهم ۽ 450 آمريڪي ڊالر پڻ هٿ ڪيا ويا.ڊائريڪٽر ايف آءِ اي ٻڌايو ته بنگلي مان پے آرڊر جون فوٽو ڪاپيون، ريفرنس هينڊ ليجرز، 3 موبائيل فون ۽ ٻيا دستاويز به هٿ ڪيا ويا آهن.اختيارين موجب بنگلي مان هٿيارن جي وڏي ريڪٽ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته هٿيارن جي ڳجهي نيٽ ورڪ کي هلائيندڙ ڪيترائي ماڻهو فرار آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو