ڍاڪا: (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) چيو آهي ته ايشيا ڪپ 2027ع لاءِ ڍاڪا سميت 3 وينيوز (ميچن جا ميدان) زير غور آهن.
بي سي بي سيڪيورٽي ڪميٽي جي چيئرمين سيد ابراهيم احمد موجب ون ڊي فارميٽ جي ايشيا ڪپ 2027ع جي ميزباني بنگلاديش کي ڪرڻي آهي، جنهن جون تياريون شروع ڪري ڏنيون آهن، ٽي وينيوز ڍاڪا، سلهٽ ۽ چٽوگرام تجويز ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته ايشيا ڪپ لاءِ 18 جون کان 4 جولاءِ جي ونڊو (تاريخون) رکي وئي آهي، اي سي سي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ٽنهي وينيوز جا تفصيل گھريا ويا آهن.
سيد ابراهيم احمد جو وڌيڪ چوڻ هو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي، ڀارت جي دوري لاءِ سيڪيورٽي وڌائڻ لاءِ تيار آهيون.










