ايس ٽي پي جي افغان پناهگيرن سميت ڌاري آبادڪاري خلاف ريلي

ايس ٽي پي جي افغان پناهگيرن سميت ڌاري آبادڪاري خلاف ريلي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ افغان پناهگيرن سميت غيرقانوني طور رهندڙ پرڏيهين ۽ وڌندڙ ڌارين آبادڪاري خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪراچي جي ريگل چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي کي پريس ڪلب تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڪنٽينر بيهاري پريس ڪلب ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري ڇڏيا، جنهن بعد ريلي گورنر هائوس ويجهو ڦوهارا چوڪ پهتي، جتي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ريلي جي اڳواڻي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين انجنيئر گلزار سومرو، اعجاز سامٽيو، خير محمد مگسي، ڊاڪٽر مظهر ميمڻ، الطاف ميمڻ، سعيده گوپانگ، سرڪش سڌايو ۽ ڪراچي ڊويزن توڙي مختلف ضلعن جي پارٽي اڳواڻن ڪئي، جڏهن ته پارٽي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي جو مطالبو ڪيو. ڦوهارا چوڪ تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ ڌارين آبادڪاري سنڌ جي قومي، معاشي ۽ سماجي مفادن لاءِ انتهائي اهم مسئلو بڻجي چڪي آهي، تنهن ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون افغان پناهگيرن سميت غيرقانوني طور رهندڙ سمورن پرڏيهين جي سڃاڻپ ڪري قانوني طريقيڪار تحت سندن واپسي جو عمل بنا دير تيز ڪن ۽ مستقبل ۾ غيرقانوني لڏپلاڻ ۽ آبادڪاري روڪڻ لاءِ مستقل، اثرائتي ۽ شفاف پاليسي جوڙين. هنن چيو ته سنڌ اڳ ئي بيروزگاري، مهانگائي، پاڻي جي کوٽ، تعليم ۽ صحت سميت ڪيترن ئي بنيادي مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ غيرقانوني آبادڪاري سبب مقامي وسيلن، روزگار ۽ شهري سهولتن تي وڌيڪ دٻاءُ وڌي رهيو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي زمين، وسيلن، روزگار، قومي حقن، تاريخي وحدت ۽ جاگرافيائي سلامتي جو تحفظ حڪومت جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خدشو پيدا ڪندڙ ڪنهن به پاليسي يا عمل کي قبول نه ڪيو ويندو. هنن چيو ته سنڌ اسان جو مادر وطن آهي، ان جي تاريخي وحدت، جاگرافيائي سرحدن ۽ قومي وجود بابت ڪنهن به قسم جي سازش، اشتعال انگيزي يا غيرذميواراڻي بيان بازي برداشت نه ڪئي ويندي ۽ سنڌ جي وحدت خلاف ڳالهائيندڙ ڌريون اهڙو سلسلو بند ڪن. اڳواڻن چيو ته سنڌ جا ڇهه ڪروڙ ماڻهو پنهنجي وطن جي انچ انچ، وسيلن، تاريخي وحدت ۽ قومي حقن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا ۽ سنڌ جي مفادن خلاف ٿيندڙ هر سازش جو سياسي، جمهوري ۽ پرامن جدوجهد ذريعي مقابلو ڪيو ويندو. سنڌ ترقي پسند پارٽي مطالبو ڪيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سنڌ ۾ موجود افغان پناهگيرن سميت غيرقانوني پرڏيهين بابت واضح انگ اکر عوام آڏو آڻين، سندن سڃاڻپ ۽ واپسي جو عمل تيز ڪن، وڌيڪ غيرقانوني آبادڪاري روڪين ۽ غيرقانوني شناختي ڪارڊن، ڊوميسائلن توڙي ٻين سرڪاري دستاويزن جي اجرا بابت شفاف جاچ ڪرائين. اڳواڻن چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌ جي قومي حقن، زمين، وسيلن، روزگار ۽ تاريخي وحدت جي تحفظ لاءِ پنهنجي جمهوري ۽ پرامن جدوجهد جاري رکندي ۽ جيڪڏهن حڪومت غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي ۽ سنڌ جي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ سنجيده قدم نه کنيا ته پارٽي عوام سان گڏ احتجاجي جدوجهد کي وڌيڪ وسيع ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو