ايس بي سي اي جو قانوني کاتو به ڪرپٽ آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ايس بي سي اي جو قانوني کاتو به ڪرپٽ آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر رمارڪس ڏنا ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) ڪرپٽ ادارو آهي ۽ ان جو قانوني کاتو به ڪرپٽ آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايف بي ايريا پلاٽ نمبر R53A تي غير قانوني اڏاوتون ڊاهڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ايس بي سي اي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سينٽرل ايس بي سي اي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران ڊي جي ايس بي سي اي ۽ ٻين کي عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.جسٽس نديم اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته هي هاءِ ڪورٽ آهي ان مان توهان کي جيل موڪليو ويندو.ايس بي سي اي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته اسان ٽاسڪ فورس ٺاهي آهي ۽ روزانو ڪارروائي ڪري رهيا آهيون.جسٽس نديم اختر چيو ته توهان جو کاتو ڪجهه نه پيو ڪري، سموريون غيرقانوني اڏاوتون توهان جي ملي ڀڳت سان ٿي رهيون آهن، جيڪي هتي اچن ٿا اهي عدالت جي مدد نٿا ڪن.سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جو چوڻ آهي ته حڪومت ڊپٽي ڪمشنر کي به اختيار ڏئي ڇڏيا آهن ته هو غير قانوني اڏاوتن تي ڪارروائي ڪري.جسٽس نديم اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان سان ڏاڍي نرمي سان ڳالهايو پيو وڃي، اوهان ان جي لائق نه آهيو، پهريان اعتراف ڪريو ته اوهان جو ادارو ڪجهه نه پيو ڪري، اوهان ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو ته اوهان جو ادارو بهترين آهي،عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان جو جواب ڪٿي آهي؟،ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي چيو ته ڪارروائي لاءِ وڌيڪ وقت گهربل آهي،جسٽس نديم اختر چيو ته حڪم جنوري ۾ ڏنو آهي، ايف آءِ آر ڊسمبر ۾ داخل ڪئي پئي وڃي.ڊي جي ايس بي سي اي چيو ته مون کي قانوني کاتي طرفان دير سان آگاهه ڪيو ويو آهي.جسٽس نديم اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته ايس بي سي اي ڪرپٽ ادارو آهي، قانوني کاتو به ڪرپٽ آهي،جسٽس نديم اختر قانوني سربراهه سان مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي عدالتي حڪمن بابت نه ٻڌايو، ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ڊي جي ايس بي سي اي کي شوڪاز نوٽيس مليا آهن.هن چيو ته عدالت ۾ بي بنياد جواب جمع ڪرايو ويو، ان کي رد ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪو اڻپورو يا بي بنياد جواب جمع ڪرايو ويو ته سڌو جيل وينداسين.سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته 15 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي، عدالتي حڪمن تي عمل ڪندا، سمورن حڪمن تي عمل ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو