شيخ ڀرڪيو(مظفر علي بروهي) ٽنڊي جان محمد جي ايس ايڇ او اياز ڀٽي پاران نوجوان صحافي نارائڻ داس کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف سنڌ صحافي سنگت ۽ صحافين طرفان آغا جانب علي،محمد امين ٿهيم،مظفر علي بروهي،جمال خان عالماڻي،محمد علي شيخ،سجاد علي ٿهيم،آمام بخش ٽنگڙي،رياض بروهي،شاهد سونارو،غلام عباس لاکو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي صحافين چيو ته ايس ايڇ او ٽنڊو جان محمد پنهنجا ڪارا ڪرتوت لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي صحافي نارائڻ داس کي حراسان ڪري رهيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا،هنن چيوته ايس ايس پي مير پور نوٽيس وٺي صحافي کي ڌمڪيون ڏيندڙ ايس ايڇ او خلاف ڪاروائي ڪري ۽ ٻي صورت ۾ سموري سنڌ جا قلم ڌڻي سراپا احتجاج بڻجي ويندا.










