ايس آر بي پاران ٽيڪس وصولي ۾ رڪارڊ اضافو

ايس آر بي پاران ٽيڪس وصولي ۾ رڪارڊ اضافو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ روينيو بورڊ يعني ايس آر بي هلندڙ مالي سال جي مارچ مهيني ۾ ٽيڪس جي وصولي 11 ارب 46 ڪروڙ 30 لک ٿي آهي جيڪا گذريل سال جي مارچ ۾ ٿيل وصولي کان 22.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. واسطيدار کاتي جي ترجمان ارويا خان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ڪووڊ سبب متاٿر ٿيل معيشت ۽ ڪاروبار ۾ مندي باوجود ٽيڪس وصولي ۾ واڌ ايس آر بي جي ڪارڪردگي ۽ ٽيڪس ادا ڪندڙن جي ايس آر بي تي اعتماد جو مظهر آهي. هن چيو ته هلندڙ مالي سال جي ٽن ٽماهين دوران يعني جولاءِ کان مارچ تائين مجموعي طور 88 ارب 54 ڪروڙ 60 لک روپين جي ٽيڪس وصولي ٿي آهي جيڪا گذريل سال 77 ارب 90 ڪروڙ 20 لک هئي، يعني پوئين سال جي ڀيٽ ۾ 13.66 سيڪڙو واڌو ٽيڪس وصول ٿي آهي. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته هلندڙ سال لاءِ ٽيڪس جو ٽارگيٽ 135 ارب روپين جي وصولي آهي جيڪو ڪووڊ سبب متاثر ٿيل ڪاروبار باوجود حاصل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو