اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ڇنڇر تي اسلام آباد ۾ چيف آف ڊفينس فورسز (CDF) ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ بعد وزيراعظم شهباز شريف سان وفد سان گڏ ڌارڌار ملاقاتون ڪيون. اها ڳالهه ايراني سفارتخاني پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ ٻڌائي آهي. هي ايراني پرڏيهي وزير جي اسلام آباد پهچڻ کان پوءِ پهرين سرڪاري ملاقات هئي۔ هن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان به ملاقات جي اميد آهي۔ پاڪستاني پاسي کان گهرو وزير محسن نقوي ۽ قومي سلامتي بابت وزيراعظم جو مشير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ پڻ شامل هئا۔ ايراني وفد ۾ نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي، سفير رضا اميري مقدم ۽ پرڏيهي وزارت جو ترجمان اسماعيل بقائي شامل هئا۔ ويراعظم سان ملاقات ۾ آرمي چيف به شريڪ هو. هن دوري کان اڳ، هن ڊار ۽ فيلڊ مارشل منير سان الڳ الڳ ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون هيون، جن ۾ جنگبندي ۽ سفارتي عمل تي ڌيان ڏنو ويو۔ پاڪستاني عملدارن جو چوڻ آهي ته ايراني وزير جو هي سفر بنيادي طور تهران جي اندروني مشاورتن کان پوءِ تيار ڪيل موقف کي پهچائڻ لاءِ آهي۔ “منهنجي دوري جو مقصد اسان جي ساٿين سان ٻه طرفي معاملن تي ويجهو هم آهنگي ڪرڻ ۽ علائقائي حالتن بابت صلاح مشورا ڪرڻ آهي۔ اسان جا پاڙيسري اسان جي ترجيح آهن،” عراقچي تهران مان پنهنجي ٽن ملڪن جي دوري (جنهن ۾ عمان ۽ روس پڻ شامل آهن) لاءِ روانگي کان اڳ X تي لکيو۔ پنهنجي بيان ۾، ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي وضاحت ڪئي ته “ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪا به ملاقات طئي ناهي۔ ايران جا خيال پاڪستان وسيلي پهچايا ويندا۔” هن چيو ته عراقچي پاڪستان جي “اعليٰ سطحي عملدارن” سان ملاقاتون ڪندو، جيڪي آمريڪا طرفان لاڳو ڪيل جارحيت واري جنگ کي ختم ڪرڻ ۽ علائقي ۾ امن جي بحالي لاءِ جاري ثالثي ڪوششن جي سلسلي ۾ آهن۔










