ايران ۾ پرتشدد مظاهرا،ٽوڙ ڦوڙ،مسجدن اسپتال کي نقصان،217 فوت

ايران ۾ پرتشدد مظاهرا،ٽوڙ ڦوڙ،مسجدن اسپتال کي نقصان،217 فوت

تهران (ويب ڊيسڪ)ايران ۾ مهانگائي خلاف جاري پرتشدد احتجاج بي قابو ٿي ويا آهن، مشهور آمريڪي رسالي ٽائم ميگزين دعويٰ ڪئي آهي ته جهڙپن دوران فوتين جو انگ 217 تائين پهچي ويو آهي.ايران ۾ حڪومت مخالف احتجاج گذريل رات کان وڌيڪ وڌي ويا آهن، مختلف شهرن ۾ مظاهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ پرتشدد جھڙپن سان گڏ احتجاج ڪندڙن احتجاج دوران ڪيترن ئي شهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي.رپورٽن موجب، مظاهرين طرفان 26 بينڪن، 25 مسجدن، 2 اسپتالن ۽ 48 فائر ٽرڪن کي نقصان پهچايو ويو، جڏهن ته سرڪاري عمارتن ۽ پوليس اسٽيشنن تي به حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي آفيسر زخمي ٿيا.ميڊيا رپورٽن موجب، پرتشدد مظاهرين ايمبولينس تي به حملو ڪيو، بسن ۽ شهري گاڏين کي باهه ڏني. سيڪيورٽي فورسز تقريبن 2,500 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ سروس معطل آهي.تهران ۾ هڪ ڊاڪٽر آمريڪي رسالي ٽائم کي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته راڄڌاني جي صرف ڇهن اسپتالن ۾ 217 مظاهرين جي موت جي تصديق ٿي آهي، جن مان گهڻا گولين جي زخمن سان زخمي ٿيا آهن، پر ايراني اختيارين اڃا تائين موت جي تصديق نه ڪئي آهي.آمريڪي ميگزين موجب، واشنگٽن ڊي سي جي هيومن رائٽس ايڪٽوسٽ نيوز ايجنسي جي رپورٽ موجب گهٽ ۾ گهٽ 63 ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ 49 شهري به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو