نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ٽرمپ انتظاميه ايران سان نئين معاهدي لاءِ چار شرطون لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي.انهن شرطن ۾ ايران کان افزوده يورينيم جي مڪمل منتقلي، گهريلو يورينيم جي افزودگي کي روڪڻ، ڊگهي فاصلي واري ميزائلن تي پابندي، ۽ علائقائي پراڪسيز سان تعاون جي خاتمي شامل آهن.آمريڪي ميڊيا اهو به دعويٰ ڪيو آهي ته ٽرمپ انتظاميه ايران جي بحري ناڪي بندي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن ايران تيل برآمد نه ڪري سگهي.










