ايران جو ايٽمي ايجنسي سان تعاون ختم ڪرڻ جو فيصلو

ايران جو ايٽمي ايجنسي سان تعاون ختم ڪرڻ جو فيصلو

تحران (ويب ڊيسڪ)ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل انٽرنيشنل ايٽمي انرجي ايجنسي (IAEA) سان تعاون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.روسي ميڊيا موجب، ايران اهو فيصلو ايران خلاف پابندين بابت گڏيل قومن جي قرارداد کان پوءِ ڪيو.ايران جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو چوڻ آهي ته يورپي ملڪن پاران لاڳو ڪيل پابندين جي ڪري IAEA سان تعاون ختم ڪيو ويندو.بهرحال، ايران اهو نه ٻڌايو ته تعاون ڪڏهن ختم ڪيو ويندو.اهو ياد رکڻ گهرجي ته گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ايران تي پابنديون هٽائڻ جي قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو هو.جمعي تي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ پيش ڪيل قرارداد ۾، 4 ملڪن ايران تي نئين پابنديون روڪڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 9 ملڪن پابنديون گهٽائڻ جي مخالفت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو