اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير خارجه شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيندي ۽ نه ئي پاڪستان خطي جي ڪنهن جهڳڙي ۾ حصيدار ٿيندو. چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ آمريڪا، ايران ڇڪتاڻ بابت بيان ڏيندي وزير خارجه شاهه محمود قريشي چيو ته 27 ڊسمبر تي رايڪٽ حملي ذريعي عراق ۾ آمريڪي قافلي تي حملو ٿيو ۽ ان ۾ هڪ آمريڪي ڪانٽريڪٽر مارجي ويو ۽ ٻيا زخمي ٿيا. هن چيو ته 29 ڊسمبر تي ان حملي جي رد عمل جي نتيجي ۾ آمريڪا ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ مليشيا جا 25 ماڻهو مارجي ويا ۽ 50 زخمي ٿيا. پنهنجي ڳالهه جاري رکندي وزير خارجه چيو ته آمريڪي حملي جي جواب ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو ۽ 31 ڊسمبر تي بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني سامهون احتجاج ڪيو ويو جنهن ۾ هزارين ماڻهو موجود هيا جنهن دوران ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته خوش قسمتي سان آمريڪي سفارتخاني کي بروقت خالي ڪيو ويو جنهن جي ڪري ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. هن چيو ته آمريڪا پهرين جنوري 2020 تي ان احتجاج جو ذميوار ايران کي قرار ڏنو پر ايراني ميجر جنرل قاسم سليماني جنهن کي بعد ۾ نشانو بڻايو ويو ۽ ان کي ماسٽر مائينڊ قرار ڏنو ويو. شاهه محمود قريشي چيو ته موجوده حالتن نئين جهيڙي کي جنم ڏنو آهي اسامه بن لادن ۽ ابوبڪر البغدادي جي واقعن کان وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿو. وزير خارجه چيو ته 3 جنوري تي هڪ ڊرون ذريعي قاسم سليماني کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ان جو انتقال ٿيو. ان سان گڏوگڏ عراق جي مليشيا جو ڊپٽي ڪمانڊر ابوالمهدي المهندس ۽ ٻيا 9 ماڻهو مارجي ويا هئا. هن ان واقعي کي خطي تي نظر رکندڙ ماهرن نه صرف تشويشناڪ چيو پر چئي رهيا آهن ته اهميت جي لحاظ کان انهن جي نظر ۾ ان واقعي جا اثر 2011 جي آپريشن ۾ اسامه بن لادن کي نشانو بڻائڻ ۽ 2019 ۾ داعش جي سربراهه ابوبڪر البغدادي کان به وڌيڪ گهرا، سنگين ۽ تشويشناڪ اثر پئجي سگهن ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته قاسم سليماني جي قتل کان پوءِ ايران ۽ عراق ۾ احتجاجي ڪيفيت جنم ورتو ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ غم ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو جيڪو اڄ به جاري آهي. وزير خارجه احتجاجي ڪيفيت کي ڏسندي ايران جي قيادت سيڪيورٽي ڪونسل جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ان سان گڏ عراق ۾ به ان خلاف عوامي ردعمل سامهون آيو ۽ جڏهن 2 ڏينهن اڳ قاسم سليماني جي نماز جنازه ادا ڪئي وئي ته ماڻهن جي تعداد کان اندازو لڳايو ته رد عمل جي ڪيفيت ڇا هوندي. هن چيو ته عراق جي پارليامينٽ جو هنگامي اجلاس گذريل ڏينهن طلب ڪيو ويو ۽ ان اجلاس ۾ پوري صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد قرارداد منظور ڪئي وئي ته تمام غير ملڪي فوجين کي ملڪ ڇڏڻ گهرجي ۽ وزير خارجه کي هدايت ڪئي ته آمريڪي فضائي حملو عالمي قانون ۽ اقوام متحده جي منشور جي خلاف ورزي آهي ان ڪري اقوام متحده ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي. شاهه محمود قريشي چيو ته ان صورتحال کي ڏسندي پاڪستان حڪومت 3 جنوري تي پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو. وزير خارجه چيو ته مان خطي جي اهم خارجه وزيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ايران جي وزير خارجه سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون ۽ ان واقعي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مان متحده عرب امارات، ترڪي ۽ سعودي عرب جي وزير خارجه سان به ڳالهائي چڪو آهيان. شاهه محمود قريشي چيو ته وچ اوڀر جي صورتحال تمام گهڻي نازڪ ۽ تشويشناڪ آهي ۽ ڪيڏي مهل به ڪجهه ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته ايران جو سپريم ليڊر آين الله خامنائي پنهنجي قوم سان انتقام جو واعدو ڪري چڪو آهي ۽ ايران جي صدر حسن روحاني آمريڪي حملي کي عالمي دهشتگردي سان تشبيهه ڏئي چڪو آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ايران جي وزير خارجه سان جڏهن ڳالهه ٿي ته هن چيو ته اهو انتهائي خطرناڪ ۽ احمقاڻو فعل هيو ان سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌندي. وزير خارجه چيو ته عراق جي وزيراعظم چيو ته آمريڪي ڊرون حملو عراق ۽ امريڪا وچ ۾ سيڪيورٽي معاهدي جي خلاف ورزي آهي. وزير خارجه چيو ته آمريڪا جي وزارت دفاع پينٽاگون پنهنجو ردعمل ڏنو ۽ اعتراف ڪيو ته اسان اهو حملو صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هدايت تي ڪيو. آمريڪي اسٽيٽ سيڪريٽري مائيڪ پومپيو چيو ته اطلاع آهن ته جنرل قاسم سليماني وڌيڪ آمريڪي اهلڪارن ۽ سفارتڪارن کي نشانو بڻائڻ جو ارادو رکي پيو. هن چيو ته آمريڪا جي ذهن ۾ 3 اهم نقطا آهن جنهن ۾ پهريون هو چون ٿا ته اهو عمل جنگ روڪڻ لاءِ هيو، ٻيو اسان هاڻي مذاڪرات ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ان سان گڏ اهو به چون ٿا ته ايران طرفان ڪو به ردعمل آيو ته اسان جو رد عمل ان کان وڌيڪ سنگين هوندو. هن چيو ته تمام معاملا ڏسندي حڪومت پاڪستان سمجهي ٿي ته جنرل قاسم سليماني جو قتل سنجيده معاملو آهي ۽ ان جي پوندڙ اثرن کي بحيثيت قوم سمجهڻو آهي ڇاڪاڻ ته ان معاملي جو اثر هوندو ۽ اهو استحڪام لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته اسان استحڪام کي خطري ۾ ڏسي رهيا آهيون جنهن تي حڪومت پاڪستان کي شديد تشويش آهي. هن چيو ته ان واقعي سان خطي ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار، عراق ۽ شام ۾ عدم استحڪام جي خدشا وڌندا. ان جا منفي اثر افغانستان تي به پئجي سگهن ٿا اُتي امن عمل متاثر ٿي سگهي ٿو. ان معاملي جي آڙ ۾ يمن جا حوثي سعودي عرب تي وڌيڪ حملا ڪري سگهن ٿا. لبنان جي حزب الله اسرائيل تي حملو ڪري ان کي راڪيٽ سان نشانو بڻائي سگهن ٿا. هن خطي ۾ شديد قتل و غارت وڌي سگهي ٿي. برمز سمنڊ جي بندش ٿي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ تيل پڄائڻ وارو عمل متاثر ٿيندو جنهن جا اثر عالمي معيشت تي پوندا. ايران، آمريڪا سان ڪيل جوهري معاهدن کان هٿ کڻي سگهي ٿو تهران يورينيم افزودگي تي لڳايل پابندين کان عملي طور پوئتي هٽي سگهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته ڀارت پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ جعلي حملا ڪرڻ جو موقعو ڳولي سگهي ٿي. وزير خارجه وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪنهن هڪ طرفي عمل جي تائيد نه ڪندو ڇاڪاڻ ته طاقت جو استعمال صحيح ناهي ان سان مسئلو اڳتي وڌندو ختم نه ٿيندو. هن چيو ته اسان جو موقف آهي ته هي خطو ڪنهن ڀيانڪ جنگ ۾ تبديل نه ٿي وڃي اسان ان خطي جا حصو آهيون جتي باهه لڳڻ سان ان جي گرمائش مان نه بچي سگهنداسين. وزير خارجه چيو ته پاڪستان واضح طور موقف ڏئي چڪو آهي ۽ مان ڪجهه خارجه وزيرن سان شيئر به ڪيون آهن ته پاڪستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي پاڪستان خطي جي ڪنهن جهڳڙي ۾ حصيدار بڻجندو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي سرزمين ڪنهن خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال جي پيش نظر وزيراعظم عمران خان هنگامي مشاورتي اجلاس طلب ڪيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ پي ٽي آءِ جي سينئر ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزير خارجه شاهه محمود قريشي وچ اوپر جي صورتحال ۽ ايراني هم منصب سان ٿيندڙ ڳالهين کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندو ۽ پنهنجي سرزمين ڪنهن خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو. مشاورتي اجلاس ۾ آرمي ايڪٽ ترميمي بل ۾ پيش رفت جو جائزو به ورتو ويو ۽ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور به هڪ ٽي وي انٽرويو دوران چيو هو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ هلي رهي آهي ۽ آمريڪي وزير خارجه مائيڪ پومپيو ان حوالي سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٽيليفونڪ رابطو به ڪيو هو. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ امن خراب ڪندڙ ڪنهن به عمل جو حصو نه ٿيندو ۽ پاڪستاني سرزمين ڪنهن خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. خيال رهي ته 3 جنوري تي عراق جي دارالحڪومت بغداد ۾ ايئرپورٽ ويجهو آمريڪي فضائي حملي ۾ پاسداران انقلاب جي قدس فورس جو سربراهه ميجر جنرل قاسم سليماني مارجي ويو هو. جنهن کان پوءِ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ کان پوءِ ان جي نائب اسماعيل قاآني کي پاسداران انقلاب جي قدس فورس جو سربراهه مقرر ڪيو هو. جنهن تي اپوزيشن وارن چيو ته ايڏي ڊگهي تقرير ڪري هاڻي هو وڃي پيو. رياض پيرزاده چيو ته هو اپوزيشن کي ڊيڄاري پيو ۽ قاسم سليماني کي شهيد چوڻ کان لنوائي پيو. پيمرا ذريعي چينلز کي روڪيو ويو ته سليماني کي شهيد نه چئو. راجه پرويز اشرف به اعتراض ڪيو جنهن بعد اپوزيشن واڪ آئوٽ ڪيو ته اجلاس جي ڪاروائي سڀاڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي.










