ايبٽ آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو وزيراعظم عمران خان اڄ ايبٽ آباد ۾ حقيقي آزادي مارچ جي جلسي کي خطاب ڪندو.تفصيل موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڄ ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندو، عمران خان سان گڏ ڪي پي جو وڏو وزير محمود خان ۽ وقتي گورنر مشتاق غني به گڏ هوندو.ايبٽ آباد ريلي جي حوالي سان خصوصي پيغام ۾ عمران خان چيو ته مان اڄ ايبٽ آباد اچي رهيو آهيان، جلسي ۾ اوهان ڀرپور شرڪت ڪرڻي آهي، عوام کي خطاب ڪندي هن چيو ته اوهان کي خبر آهي ته مان ڇو اچي رهيو آهيان. امپورٽ حڪومت خلاف ريلي ڪڍي رهيا آهيون ۽ عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ پوري قوم تيار ڪري رهيا آهيون. ايبٽ آباد ۾ جلسي لاءِ انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، 7 سئو پوليس اهلڪار ريلي جي سيڪيورٽي جا انچارج هوندا، جلسي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ 7 واڪ ٿرو گيٽس قائم ڪيا ويا آهن.










