ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سول ايويئيشن اٿارٽي واضح ڪيو آهي ته بپرجوائي طوفان جي حوالي سان ڪراچي ايئرپورٽ کي بند ڪرڻ جون خبرون غلط آهن پنهنجي بيان ۾ ترجمان چيو ته خراب موسم جي اڳڪٿي جي صورت ۾ ايئرپورٽس تي طئي ٿيل ايس او پيز تحت حفاظتي انتظام ڪيا وڃن ٿا ترجمان چيو ته ايئرپورٽس تي هوا جي رفتار ۽ موسم جي حوالي سان پائليٽس کي مسلسل باخبر رکڻ معمول جي ڳالهه آهي ترجمان چيو ته غير معمولي حالتن ۾ پائليٽس زميني ۽ موسمي حقيقتون ڏسندي ٽيڪ آف يا لينڊنگ لاءِ ويجهي مناسب منزل جو فيصلو ڪند ٿا ترجمان چيو ته سول ايويئيشن ان حوالي سان ايئر لائنز ۽ پائليٽس کي پهريان ئي احتياط ڪرڻ جو اشارو جاري ڪري چڪي آهي ترجمان چيو ته خراب موسم ۾ ايئرلائينز پاران شيڊولز ۾ رڪاوٽ پئجي سگهي ٿي.










