شھدادڪوٽ ( ڊ ر )نجي بينڪ جي اي ٽي ايم مشين کي ڀڃڻ جي مبينا ڪوشش ۾ ملوث ٻه جوابدار گرفتار، اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل، شهر جي مصروف ترين ڪوٽو موٽو چوڪ تي قائم حبيب بينڪ جي اي ٽي ايم مشين کي چورن پاران ڀڃڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي جنھن واردات ڪندڙن سان گڏ هڪ پوليس وردي پھريل عملدار هجڻ جو به انڪشاف ڪيو ويو ھو اي سيڪشن پوليس ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ بشير احمد بروهي جي حڪم تي سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي مدد سان ٻن چورن کي پڪڙي ورتو آهي جنھن جي سڃاڻپ کانپوءِ آپريشن مئنيجر جي فريادي تي اي سيڪشن ٿاڻي 3 ڄڻن مٿان ايف آء آر داخل ڪئي وئي آهي پوليس چوري ۾ ملوث ٻن چورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن جي سڃاڻپ امجد منگي ۽ ساگر سومرو نالي سان ٿي آهي جڏهن ته ھڪ نامعلوم چور پڻ ٻڌايو پيو وڃي ايس ايڇ او اي سيڪشن طفيل احمداڻي ٻڌايو ته نامعلوم چور جي ڳولا جاري آهي جنهن کي به جلد پڪڙي مٿس ايف آء آر ۾ نالو داخل ڪيو ويندو.










