اسلام آباد(بيورو رپورٽ)عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي آل پارٽيز ڪانفرنس سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.اي اين پي جي آل پارٽيز ڪانفرنس جو گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي ڳالهين ذريعي چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ڪرڻ جو چيو ويو.پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جڏهن به چونڊون ٿين ٿيون ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي ٿيڻ گهرجن، سياسي فيصلا ڪرڻ جي جاءِ سياسي پارٽيون ۽ پارليامينٽ آهن.پڌرائي ۾ اهو به چيو ويو ته سياسي فيصلا عدالتن ڏانهن وڃڻ سان عدالتي بحران پيدا ٿيندو.پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سياسي، عدالتي ۽ معاشي بحران غير يقيني صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن سياست ختم ٿي ته آئيني ۽ پارلياماني بالادستي کي خطرو هوندو.اي پي سي جي گڏيل پڌرنامي موجب پارلياماني بالادستي کي هر قيمت تي يقيني بڻايو وڃي، عدالتي بحران ۽ سپريم ڪورٽ جي ورهاست انتهائي افسوسناڪ آهي.پڌرنامي ۾ چيو ويو ته فل ڪورٽ نه هجڻ، 63-A تي آئين لکڻ ۽ ٽن يا چئن جو فيصلو نه مڃڻ بحران جو بنياد آهي، عدليه کي آئيني دائري ۾ رهي پاڻ کي آئين آئين جي تشريح جي حدن تائين محدود رکڻ گهرجي. اي پي سي جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي خودمختياري خلاف سازش برداشت نه ڪئي ويندي، ارڙهين آئيني ترميم تي عمل ڪيو وڃي.پڌرنامي موجب معاشي پاليسين سبب ملڪ جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، نئين چارٽر معيشت ٺاهي وڃي.گڏيل پڌرنامي ۾ زور ڀريو ويو ته جبري گمشدگين جي غير انساني ۽ غير آئيني عمل کي ختم ڪيو وڃي ۽ تازي مردم شماري تي خدشن کي دور ڪيو وڃي.پڌرنامي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته دهشتگردن جي آبادڪاري سان دهشتگردي جي نئين لهر پيدا ٿي آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪرڻ جي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي ۽ دهشتگردن خلاف ٽارگيٽيڊ ۽ موثر ڪارروائي ڪئي وڃي.










