ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) مختلف شهرن ۾ منشيات جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 9 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.اي اين ايف ترجمان موجب، 8 ڪارروائين دوران هڪ عورت سميت 9 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 2.2 ملين رپين کان وڌيڪ ماليت جي 24.9 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪئي وئي.اي اين ايف ترجمان چيو ته ڪيس داخل ڪيا ويندا ۽ شڪي ماڻهن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي.










