اي آءِ ذريعي لکت پڪڙڻ واري نئين ٽيڪنالاجي متعارف

اي آءِ ذريعي لکت پڪڙڻ واري نئين ٽيڪنالاجي متعارف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)مصنوعي ذهانت (AI) جي وڌندڙ استعمال سبب هاڻي اهو ڄاڻڻ به ڏکيو ٿيندو پيو وڃي ته ڪا تحرير انسان لکِي آهي يا مصنوعي ذهانت جي مدد سان تيار ڪئي وئي آهي.
تنهن هوندي به، هاڻي ٽيڪنالاجي ڪمپنين طرفان اهڙا طريقا متعارف ڪرايا پيا وڃن، جن ذريعي AI سان تيار ڪيل مواد جي سڃاڻپ آسان بڻائي سگهبي، يعني لکڻ وارو AI جي لکيل تحرير کي پنهنجي نالي سان پيش نه ڪري سگهندو.
رپورٽ موجب، مشهور AI ڪمپني Anthropic پنهنجي ماڊلز ذريعي تيار ٿيندڙ تحريرن ۾ واٽر مارڪنگ شامل ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي.
هن ٽيڪنالاجي ذريعي تحرير ۾ هڪ اهڙو لڪل نمونو (Hidden Pattern) شامل ڪيو ويندو، جيڪو عام پڙهندڙ کي نظر نه ايندو، پر مخصوص ڊٽيڪٽر ذريعي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته متن AI ذريعي تيار ڪيو ويو آهي يا نه.
واٽر مارڪنگ جي ضرورت ان ڪري به وڌي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا ۾ AI ذريعي تيار ٿيندڙ مواد جو مقدار تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي.
يورپي يونين جي AI Act تحت AI سان تيار ڪيل مواد جي سڃاڻپ ۽ ان جي واضح نشاندهي لاءِ به ضابطا متعارف ڪرايا پيا وڃن.
Anthropic موجب، هي واٽر مارڪنگ رڳو يورپ تائين محدود نه هوندي، پر جتي جتي ان جا لاڳاپيل AI ماڊلز دستياب هوندا، اتي هن ٽيڪنالاجي جي استعمال جي اميد آهي.
واٽر مارڪنگ ڪم ڪيئن ڪندي؟
جڏهن AI ماڊل ڪو جملو تيار ڪري ٿو ته اهو پنهنجي تربيت دوران حاصل ڪيل معلومات جي بنياد تي لفظن جي ترتيب چونڊيندو آهي. واٽر مارڪنگ ٽيڪنالاجي انهيءَ ئي عمل دوران لفظن جي مخصوص چونڊ کي هڪ لڪل ۽ خاص نموني ۾ ترتيب ڏئي سگهي ٿي.
هي نمونو صارف کي نظر نه ايندو ۽ عام طور تي نه ته متن جي معنيٰ ۾ تبديلي ڪندو ۽ نه ئي ان جي ظاهري شڪل کي متاثر ڪندو.
پر مخصوص سافٽ ويئر يا ڊٽيڪٽر هن لڪل نموني کي ڳولي اهو سڃاڻي سگهي ٿو ته متن AI ذريعي تيار ڪيو ويو آهي يا نه.
ڇا واٽر مارڪ هميشه قابلِ اعتماد هوندو؟
ماهرن موجب واٽر مارڪنگ يقيناً هڪ فائديمند ٽيڪنالاجي آهي، پر ان کي AI سان تيار ڪيل مواد جو حتمي ۽ ناقابلِ ترديد ثبوت قرار نٿو ڏئي سگهجي.
ڪمپنين جو چوڻ آهي ته عام طور تي متن کي ڪاپي پيسٽ ڪرڻ يا معمولي ترميمن باوجود واٽر مارڪ جو سگنل برقرار رهي سگهي ٿو.
تنهن هوندي به، جيڪڏهن ڪنهن متن کي وڏي پيماني تي ٻيهر لکيو وڃي، ٻي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو وڃي يا مڪمل طور تي ٻيهر ٽائپ ڪيو وڃي، ته واٽر مارڪ ختم ٿيڻ جو امڪان موجود آهي.
ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته واٽر مارڪ جو ملڻ لازمي طور تي اهو ثابت نٿو ڪري ته پوري تحرير AI لکِي آهي.
مثال طور، جيڪڏهن ڪنهن انسان جي لکيل تحرير کي AI ذريعي صرف ترتيب، فارميٽنگ يا ايڊيٽنگ ڏني وڃي ته ان ۾ به واٽر مارڪ شامل ٿي سگهي ٿو.
ساڳئي طرح، جيڪڏهن واٽر مارڪ نه ملي ته ان جو مطلب به اهو ناهي ته متن لازمي طور تي انسان ئي لکيو آهي.
گوگل جي Gemini ۾ پڻ واٽر مارڪنگ سان لاڳاپيل ٽيڪنالاجي موجود آهي، جڏهن ته OpenAI پڻ ChatGPT لاءِ اهڙي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ جو امڪان ظاهر ڪري چڪي آهي.
اهڙيءَ ريت AI ذريعي تيار ڪيل مواد جي سڃاڻپ لاءِ ٽيڪنالاجي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي، پر موجوده مرحلي تي ڪنهن هڪ واٽر مارڪ يا ڊٽيڪٽر کي سئو سيڪڙو حتمي ثبوت سمجهڻ درست نه هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو