اوگرا پاران پيٽرول پمپ بند ڪرڻ خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اوگرا پاران پيٽرول پمپ بند ڪرڻ خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) مختلف شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ واري معاملي تي پمپن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.اوگرا عملدارن جو چوڻ آهي ته پيٽرول پمپ بند رکڻ وارن جا لائسنس رد ڪيا ويندا.اختيارين جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان صوبائي چيف سيڪريٽريز ذريعي ضلعي انتظاميا کان مدد ورتي پئي وڃي.اوگرا اختيارين جو اهو به چوڻ آهي ته پيٽرول پمپن جي بندش جو معاملو جلد حل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو