اوپو جو سستو پر دير تائين هلڻ واري بيٽري وارو فون

اوپو جو سستو پر دير تائين هلڻ واري بيٽري وارو فون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اوپو پنهنجو سستو اسمارٽ فون A16E متعارف ڪرايو آهي، جنهن جي اهم خاصيت ان جي وڏي دير تائين بيٽري جو هلڻ آهي. Oppo A16E پهريون ڀيرو هندستان ۾ وڪرو ٿيندو، جنهن کان پوء ان کي جلد ئي ٻين ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ويندو. ھن فون ۾ MediaTek جو Helio P22 پروسيسر آھي. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، فون جي خاص ڳالهه ان جي وڏي بيٽري آهي جيڪا 4230 mAh آهي. A16E وٽ Android 11 آپريٽنگ سسٽم آهي. اهڙي طرح 6.52 انچ جي LCD ڊسپلي فون جو حصو آهي جنهن ۾ واٽر ڊراپ نوچ ۾ لڪايل 5 ميگا پڪسل ڪيمرا آهي. فون جي پوئين حصي ۾ LED فليش سان گڏ 13 ميگا پڪسل ڪيمرا پڻ آهي. چارج ڪرڻ لاءِ هڪ USB پورٽ ۽ هيڊ فون جيڪ آهي. فون ڪارو، نيرو ۽ اڇو رنگن ۾ دستياب هوندو. ڪمپني اڃا تائين قيمت ۽ دستيابي جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو