اوٻاوڙي واسي 2 ڄڻا اغوا، بازيابي لاءِ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو

اوٻاوڙي واسي 2 ڄڻا اغوا، بازيابي لاءِ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو

اوٻاوڙو (ن س) اوٻاوڙو ويجهو ڳوٺ شمس ڇپري جا رھواسي ٻه ڄڻا ڊمپر ڊرائيور حضور بخش گرگيج ۽ ڪلينر عبدالوھاب گرگيج ڪشمور جي علائقي آرڊي 17 وٽان رات ڌاڙيلن ھٿان اغواء ٿي ويا ٻنھي مغوين جي وارثن ڪشمور آرڊي 17 وٽ پھچي جائي واردات تي پهچي مغوين جي بازيابي لاءِ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي ڇڏيو ايس ايس پي ڪشمور کان مغوين جي بازيابي جو مطالبو، ڪيو آھي ڳوٺاڻن جو چوڻ ھو ته سنڌ پوليس ڌاڙيلن اڳيان بيوس بڻيل آھي اغواھ جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آھن ۔جڏهن ته شھري پنهنجي روٽي روزي ڪرڻ لاء گهران نڪرڻ کان بيوس بڻيل آھن هنن وڌيڪ مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته اسان جا مغوري جلد بازياب ڪرايا وڃن ٻي صورت احتجاجي ڌرڻو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو