اوٻاوڙو (ن س): اوٻاوڙو ڪورٽ مان حاضري لاءِ آندل مبينا بدنام ڌاڙيل راهب شر ۽ موريو شر پوليس ڪسٽڊي مان فرار ٿي ويا، جنهن کانپوءِ پوليس ڊيوٽي ۾ مبينا غفلت ۽ لاپرواهي جي الزام هيٺ 12 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.پوليس موجب جوابدارن جي فرار ٿيڻ کانپوءِ ڊيوٽي تي مقرر سب انسپيڪٽر فدا حسين دل، اي ايس آءِ منظور ملڪ، هيڊ ڪانسٽيبل نظير احمد ڀارو سميت پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي.پوليس موجب ڪارروائي هيٺ آيل ٻين اهلڪارن ۾ علي گوهر مهر، محمد عالم ڪولاچي، اشتياق ڪولاچي، خورشيد مهر ۽ آصف مهر سميت مجموعي طور 12 اهلڪار شامل آهن.پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪارن ۽ آفيسرن خلاف ڊيوٽي ۾ مبينا غفلت ۽ لاپرواهي جي الزام هيٺ اوٻاوڙو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ لاپرواهي جي الزام هيٺ آيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي لاڪ اپ حوالي ڪيو ويو آهي.ٻئي طرف پوليس فرار ٿيل ٻنهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي، جڏهن ته سندن ممڪن ٺڪاڻن تي پڻ ڳولا جاري آهي.پوليس ڪسٽڊي مان ٻنهي جوابدارن جي فرار ٿيڻ واري واقعي جي وڌيڪ جاچ پڻ جاري آهي، جڏهن ته پوليس طرفان فرار جي طريقيڪار ۽ ڊيوٽي تي مقرر اهلڪارن جي ذميواري جو تعين ڪيو پيو وڃي.










