اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي 6 آگسٽ تي شام 5 وڳي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو آهي. جنهن ۾ اهم حڪومتي قانونسازي ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته جن بلن تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ اتفاق نه ٿيو هو اهي بل پيش ڪيا ويندا. صدر 6 آگسٽ تي صبح جو 10 هين وڳي سينيٽ جو اجلا به طلب ڪيو آهي. ّريعن جو ڇوڻ آهي ته حڪومت ايف اي ٽي ايف جو بهانو ڄاڻائي سيڪورٽي ايجنسين کي شق جي بنياد تي ڪنهن به شهري کي 3 مهينن تائين بنا عدلاتي رمانڊ جي قيد ڪري سگهندي ۽ ضرورت پوڻ تي ڪميٽي جي منظوري کان ان ۾ 3 مهينن تائين وڌيڪ واڌ ڪري سگهبي. اپوزيشن وارا اڳ ۾ هن تجويز کي رد ڪري چڪا آهن ۽ پاڪستان سياسي مخالفن کي هيسائڻ لاءِ اهڙي قانون سازي جي مذمت به ڪري چڪا آهن.










