انڪروچمينٽ ڪاميٽي جي گھر خالي ڪرڻ واري نوٽس خلاف احتجاج

انڪروچمينٽ ڪاميٽي جي گھر خالي ڪرڻ واري نوٽس خلاف احتجاج

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) غوثپورشھري اتحاد ۽ جي يو آءِ  جي سوين ڪارڪنن جو اينٽي انڪروچمينٽ ڪاميٽي طرفان گھر خالي ڪرڻ واري ڏنل نوٽيس جي عمل خلاف شھر جي غريب آباد محلي کان مئن انڊس ھا۽ وي تي احتجاجي ڌرڻو. شھري اتحاد ۽ شھر جي مختلف سماجي ۽ مذھبي جماعت جي يو آ۽ جي سڏ تي سوين غريب آباد محلي جي رھواسين انڪروچمينٽ ڪامينٽي طرفان گھرن کي خالي ڪرڻ لا۽ ڏنل نوٽيسن جي خلاف اڄ زبردست ريلي ڪڍي جيڪا شھر جي مختلف بازارن کان ٿيندي مئن انڊس ھاءِ  وي تي اچي ختم ٿي.ريلي جي اڳواڻي جي يو آ۽ جي ضلعي اڳواڻن ۽ شھري اتحاد جي اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته افسوس جو سالن کان آباد شھر جي مسڪينن ۽ غريب طبقي خلاف حد دخلين جي آفيسرن باھ ٻاري ڏني آھي.  ھر مھيني کين نوٽيس اماڻيا وڃن ٿا ته گھر خالي ڪريو اسان ڪيڏانھن وڃون پنھنجا اباڻا گھر ڇڏي  ھنن چيو ته غريبن ۽ مسڪينن سان ظلم ۽ زيادتيون بند ڪريو۔ متاثرن علائقي جي چونڊيل عيوضين تي زور ڀريو ته اسانجي واھر ڪريو ۽ اسان جي جائز مطالبن جي حمايت ڪري اسانکي بي گھر ٿيڻ کان بچايو۔ متاثرن چتاء ڏنو ته اسان سان ناانصافيون بند نه ٿيون ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو