انڊيا ۾ پاڪستاني ڊراما ڏيکارڻ شروع

انڊيا ۾ پاڪستاني ڊراما ڏيکارڻ شروع

ممبئي(شوبزنيوز)ڀارتي اسٽريمنگ ويب سائيٽ ’زي فائيو‘ پنهنجي چينل ’زندگي‘ کي ٽي وي اسڪرينن تي ڊائريڪٽ ٽو هوم (ڊي ٽي ايڇ) ذريعي ڏيکارڻ جو بندوبست ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستاني ڊراما هاڻي ڀارتي گهرن ۾ آساني سان ڏسي سگهجن ٿا. پاڪستاني ڊراما، ويب سيريز، شوز ۽ فلمون اڳ ئي زي فائيو جي زندگي چينل تي آن لائن نشر ٿي رهيون آهن، پر هاڻي ڀارتي ناظرين به انهن کي ٽي وي اسڪرينن تي ڏسي سگهندا.هندستان ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ زندگي جي چيف ڪرئيٽيو آفيسر (سي سي او) جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ڄاڻايل اسٽريمنگ پليٽ فارم کي ڊي ٽي ايڇ ٽيڪنالاجي ذريعي ٽي وي چينل وانگر هلايو ويندو ۽ ناظرين گهرن ۾ ويهي پاڪستاني ڊراما ڏسي سگهندا.هن چيو ته سندس ٽيم هميشه چاهيندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پاڪستاني ڊراما هندستاني سامعين آڏو پيش ڪيا وڃن ته جيئن ٻنهي ملڪن جا ماڻهو هڪ ٻئي جي ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻي مان وڌ کان وڌ فائدو وٺي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو