ممبئي(ويب ڊيسڪ)اڃا انڊيا جي مختلف حصن ۾ هندو- مسلم وڳوڙن جي فضا ختم نه ٿي هئي ته راڄڌاني دهلي جي اتر- اولهندي مسلم اڪثريتي علائقي جهانگير پوري ۾ تشدد ۽ هنگامن جنم ورتو انڊيا جي خابرو اداري موجب هنگامي ۽ تشدد جو اهو واقعو ڇنڇر جي ڏينهن پيش آيو، ڪجهه شرپسند ماڻهن هندن جي ڀڳوان هنومان جي جنم ڏڻ جي جلوس تي پٿراءُ ڪيو، جنهن بعد وڳوڙ شروع ٿيا پوليس موجب جلوس تي پٿراءُ ڪندڙ 14 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن ته پوليس گرفتار ماڻهن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي., پوليس موجب هنگامي ۾ پوليس اهلڪارن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿيا آهن ۽ مڇريل مظاهرين ڪجهه گاڏين به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي خابرو اداري اطلاع ڏنو آهي ته گهرو وزير امت شاهه دهلي پوليس جي اعليٰ عملدارن کان بريفنگ وٺڻ بعد کين ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي دهلي جي پوليس ڪمشنر جو شهرين لاءِ پيغام نئين دهلي جي پوليس ڪمشنر راڪيش اسٿانه ٻڌايو ته هاڻ حالتون ضابطي هيٺ آهن ۽ واقعي واري هنڌ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي هن چيو ته شهر جي حساس علائقن ۾ اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن، واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي پوليس ڪمشنر ٽوئٽ ڪيو ته سينيئر آفيسرن کي فيلڊ ۾ رهڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، شهري غلط افواهن تي ڌيان نه ڏين ۽ پرامن رهن










