انڊر 18 ايشيا ڪپ هاڪي: پاڪستان بنگلاديش کي شڪست ڏئي ڇڏي

انڊر 18 ايشيا ڪپ هاڪي: پاڪستان بنگلاديش کي شڪست ڏئي ڇڏي

دازو (ويب ڊيسڪ)پاڪستان انڊر 18 هاڪي ايشيا ڪپ ۾ بنگلاديش کي 6-3 تان شڪست ڏني.پاڪستان چين جي شهر دازو ۾ منعقد ٿيندڙ ايونٽ ۾ بنگلاديش کي شڪست ڏئي ايونٽ ۾ مسلسل ٽئين فتح حاصل ڪئي آهي.پاڪستان لاءِ عبدالله اعوان ۽ حنظله علي 2-2 گول ڪيا، جڏهن ته عاطف علي ۽ عاصم هڪ-هڪ گول ڪيو.ايونٽ دوران پاڪستان 3 ميچن ۾ 23 گول ڪيا، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم خلاف هاڻي تائين صرف 3 گول ڪيا ويا آهن.قومي ٽيم 9 پوائنٽن سان گروپ ۾ پهرين پوزيشن تي اچي وئي آهي. پاڪستان سڀاڻي چين خلاف پنهنجو ميچ کيڏندو.

پهنجو تبصرو موڪليو