اميزون جو ڀارت لاءِ فضائي سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

اميزون جو ڀارت لاءِ فضائي سروس شروع ڪرڻ جو اعلان

بينگلور(ويب ڊيسڪ) اميزون ڀارت لاءِ خصوصي فضائي سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا جي شهر سيٽل ۾ هيڊڪوارٽر واري هن ڪمپني جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ يورپ بعد ڀارت سندس ٽيون وڏو مارڪيٽ آهي جتي هوائي سروس شروع ڪئي وئي آهي. اميزون جي شپمينٽ لاءِ جمبو جيٽ استعمال ٿيندا. هي ڪم بينگلور ۾ قائم ڪوئڪ جيٽ اميزون لاءِ سرانجام ڏيندي. ياد رهي ته اميزون جي دنيا جي 70 جاين تي فضائي سروس هلندڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو