اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اميد آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چونڊن ۾ دير بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جو فيصلو اڄ اچي ويندو.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان سپريم ڪورٽ ۾ دليل مڪمل ڪري ورتا آهن.هن چيو ته صدر جو وڪيل سلمان اڪرم راجا اڄ دليل ڏيندو.فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته فاروق ايڇ نائيڪ ۽ اٽارني جنرل به پنهنجا دليل ڏيندا.سندس اهو به چوڻ آهي ته لڳي ٿو ته اڄ شام تائين ٻڌڻي مڪمل ٿي ويندي.










