اميتاڀ ۽ اڀيشڪ هڪ ئي عمارت ۾ 10 اپارٽمنٽ خريد ڪري ورتا

اميتاڀ ۽ اڀيشڪ هڪ ئي عمارت ۾ 10 اپارٽمنٽ خريد ڪري ورتا

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي امير ترين اداڪارن اميتاڀ بچن ۽ اڀيشڪ بچن ممبئي جي ملند ايسٽ ۾ هڪ ئي عمارت ۾ 10 اپارٽمينٽ خريد ڪيا.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اميتاڀ بچن ۽ اڀيشڪ بچن ملند ۾ لڳ ڀڳ 10 اپارٽمينٽ 249.5 ملين ڀارتي روپين ۾ خريد ڪيا آهن ڀارتي ميڊيا موجب ملند جي 10 اپارٽمنٽس مان 6 اڀيشيڪ ۽ 4 اميتاڀ بچن جي ملڪيت آهن، اميتاڀ بچن جو هر اپارٽمينٽ 1154.75 اسڪوائر فوٽ آهي، جڏهن ته اڀيشڪ جا 4 اپارٽمنٽ هڪ ئي سائيز جا آهن ۽ باقي ٻه 1004.05 اسڪوائر فوٽ آهن. بگ بي ۽ اڀيشڪ ايٽرنيا جي سي ونگ جي 20هين، 21هين ۽ 23هين منزل تي 10 اپارٽمنٽ خريد ڪيا آهن، جڏهن ته بچن خاندان جي ريئل اسٽيٽ ۾ وڏي سيڙپڪاري هن مهيني 9 آڪٽوبر تي رجسٽرڊ ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو